شهاب الدين ڪٽوهر مولوي

شهاب الدين ڪٽوهر، مولوي: نامور عالم مولوي شهاب الدين ڪٽوهر 1903ع ڌاري پير جي ڳوٺ ڀرسان ڪٽوهر ڳوٺ، ضلعي خيرپور ۾ منگھن ڪٽوهر جي گھر ۾ جنم ورتو. پنهنجي ڀاءُ سان گڏ ڳوٺ داڙا واهڻ ۾ وقت جي مشهور عالم استاد مولا بخش ڪٽوهر وٽ قرآن مجيد پڙهيو. بعد ۾ پيرڳوٺ ۾ راشدي پيرن جي مدرسي ۾ پڙهڻ لاءِ ويٺو، پر ڪجھه عرصي بعد اتان نڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ سليمان ڪور جي مدرسي ۾ داخل ٿيو. ان مدرسي ۾ استاد محمد عثمان نورنگي هوندو هو، جيڪو شاگردن کان مولود چورائيندو هو، جنهن سبب هن به سندس صحبت ۾ رهي مولود چوڻ شروع ڪيا ۽ شاعري پڻ ڪئي. مولوي شهاب الدين استاد نورنگيءَ جي شفقت سبب صرف ۽ نحو جي تعليم پڻ پرائي. ٽن سالن بعد اتان نڪري سڪرنڊ طرف جھنڊي شاهه جي مدرسي ۾ ويو، جتي ڳچ عرصي تائين پڙهندو رهيو. والد جي وفات بعد ڳوٺ ويو، ڪجھه عرصي بعد انڊيا طرف هليو ويو، جتي ڀوپال اجمير، جھونا ڳڙهه، دهلي ۽ آگري ۾ وڏن عالمن ۽ بزرگن جي صحبت ۾ رهي تعليم حاصل ڪندو رهيو. اتي تعليم پرائڻ سان گڏ نيپال ۽ اتر پرديش جا دورا پڻ ڪيائين. ڪيترن ئي بزرگن جي درگاهن تي حاضري ڀرڻ سان گڏ وقت جي وڏن عالمن سان ملاقاتون پڻ ڪيائين. چئن سالن بعد عالم جي سند حاصل ڪري واپس ڳوٺ آيو. ڪجھه عرصو پير ڳوٺ ڀرسان آبائي ڳوٺ ۾ رهڻ بعد خيرپور ڀرسان سٺيو واهه جي اڀرندي پاسي زمين خريد ڪري ڳوٺ ٻڌي رهڻ لڳو، پوءِ پاڻ ڪجھه عرصو سکر ۾ پڙهائڻ لڳو، جنهن بعد 1940ع ڌاري ناز پائليٽ اسڪول ۾ ماستر مقرر ٿيو. جتي محنت ۽ ايمانداريءَ سان پڙهايائين. سندس ڪيترائي شاگرد وڏن عهدن تي پهتا.
1990ع ۾ نوڪريءَ تان رٽائر ٿيو. سنڌ جا ڪيترائي عالم منجھيل ديني معاملن جي حل لاءِ وٽس اچي معلومات وٺي فيضياب ٿيندا هئا. هن ڪيترن ئي معاملن تي قرآن ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ فتوائون پڻ ڏنيون. ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاسيءَ جي سزا ملڻ خلاف هو واحد عالم هو، جنهن فتوى ڏئي ان فيصلي کي غلط قرار ڏنو. هن بزرگ 21 مئي 2005ع تي وفات ڪئي. کيس شادي شهيد ڀرسان اباڻي قبرستان ٽڪر ۾ دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو